اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته موجوده رجحان برقرار رهڻ جي صورت ۾ سڄي دنيا ۾ سرڪاري قرض ان ڏهاڪي جي پڄاڻي تائين مجموعي عالمي پيداوار جي 100 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو. اها ڳالهه عالمي مالياتي فنڊ طرفان تازي ”فسڪل مانيٽر“ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قرضن جي شرح ۾ اهو اضافو نه رڳو وبا دوران ڏنل مالي امداد جو نتيجو آهي پر موجوده معاشي دٻاءُ به ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. رپورٽ موجب دنيا جي اٽڪل هڪ ڀاڱي چار معيشتون، جيڪي عالمي جي ڊي پي جو 80 سيڪڙو حصو رکن ٿيون، هاڻي اهڙن قرضن جي زد ۾ آهن جيڪي نه رڳو وبا کان پهرين جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پر تمام تيز رفتاري سان وڌي رهيون آهن. 175 ملڪن جي تجزيي مان معلوم ٿيو ته اڌ کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪورونا کان پهرين جي ڀيٽ ۾ سرڪاري قرضن جو بار ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي چڪو آهي. گذريل پنج سالن ۾ قرضن جي رفتار ۽ سطح ۾ ملڪن وچ ۾ نمايان فرق ڏسڻ لاءِ مليو آهي. غير يقيني حالتن، واپاري ڇڪتاڻ ۽ امڪاني اقتصادي جهٽڪن کي نظر ۾ رکندي ماهرن مالي پاليسي کي استحڪام تي ٻڌل مجموعي معاشي حڪمت عملي جو حصو بڻائڻ، سرڪاري قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ نئين هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ خرچن جي گنجائش ۽ اوسر جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. رپورٽ موجب حڪومتن لاءِ سڀني کان اهم ڪم اهو آهي ته هو عوام جو اعتماد بحال ڪن، منصفاڻو ٽيڪس نظام متعارف ڪرائين ۽ مالي وسيلن جي استعمال ۾ شفافيت ڏيکارين. عوامي اعتماد کٽڻ لاءِ سياسي قيادت کي پنهنجي مالياتي ذميوارين تي پورو ڌيان ڏيڻو پوندو.