اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي خصوصي انتظامي علائقي هانگ ڪانگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ثالثي بابت عالمي تنظيم قائم ٿيڻ جي ڪنوينشن تي ڪامياب صحيحون ڪرڻ تي پرڏيهي وزير وانگ يي کي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين دوستي ۽ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جو ورجاءُ ڪيو، جاري ٻطرفي مصروفيتن جو جائزو ورتو ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل اڳڀرائي جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.