اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪابل ۾ پاڪستان جي ناظم الامور کي سفير جي سطح تائين اپ گريڊ ڪرڻ جي فيصلي جو اعلان ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم چيو ته هن سال 19 اپريل تي پاڪستاني وفد سان گڏ ڪابل جي منهنجي انتهائي ڪارائتي دوري کانپوءِ پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ان رفتار کي برقرار رکڻ جي لاءِ مون کي پاڪستان حڪومت جي ڪابل ۾ پنهنجي چارج ڊي افيئرز جي سطح کي سفير جي سطح تائين اپ گريڊ ڪرڻ جي فيصلي جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان يقين جو اظهار ڪيو ته هي قدم گڏيل رابطن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو، اقتصادي، سيڪيورٽي، سي ٽي ۽ واپاري شعبن ۾ پاڪ افغان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪندو ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ مٽاسٽا کي فروغ ڏيندو.