جڪارتا – 29 مئي (اي پي پي) انڊونيشيا جي صدر چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل فلسطيني رياست کي تسليم ڪري ته انڊونيشيا به اسرائيل کي تسليم ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب ، انڊونيشيا جي صدر پرابوو سبيانتو، فلسطين تڪرار جي ٻه رياستي حل تي بحث ڪندي چيو ته فلسطين جو آزاد خطي ۾ حقيقي امن حاصل ڪرڻ جو واحد رستو ٻه ريساتي حل ۾ آهي. جيڪڏهن اسرائيل ان کي تسليم ڪري ٿو، ته اسان کي هڪ خودمختيار ملڪ طور اسرائيل جي حقن کي تسليم ڪرڻ جي ضمانت ڏيڻ گهرجي. اسان کي ان جي تحفظ جي به ضمانت ڏيڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي اتفاق اتفاق ڪيو ته اسرائيل جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي.