اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ثالثي بابت عالمي تنظيم جي صحيحن واري تقريب ۽ ٻين ٻطرفي مصروفيتن ۾ شرڪت جي لاءِ چين جي خصوصي انتظامي علائقي هانگ ڪانگ پهچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هانگ ڪانگ جي لاءِ انصاف بابت ڊپٽي سيڪريٽري ڊاڪٽر چيونگ ڪوڪ ڪوان، چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي ۽ هانگ ڪانگ ۾ پاڪستان جي قونصلر جنرل رياض احمد شيخ نائب وزيراعظم جو استقبال ڪيو.