بيجنگ – 29 مئي (اي پي پي) چين اعلان ڪيو آهي ته هو سعودي عرب، عمان، ڪويت ۽ بحرين جي شهرين لاءِ 30 ڏينهن جي ويزا فري داخلا جي اجازت جو اعلان ڪيو آهي ، جيڪو هڪ سال جي آزمائشي منصوبي تحت هوندو. پرڏيهي ميڊياموجب، جيآمد 9 جون 2025ع کان 8 جون 2026 ع تائين جاري رهندو. انهن چئن ملڪن جي پاسپورٽ رکندڙن کي ڪاروبار، سياحت، مائٽن يا دوستن سان ملڻ، مٽاسٽا ۽ ٽرانزٽ لاءِ ويزا کان سواءِ چين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. چين هاڻي سڀني نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) ميمبر ملڪن جي شهرين کي ويزا فري جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته گڏيل عرب امارات ۽ قطر سان هڪ ٻئي جي بنياد تي ويزا فري سروس پاليسي اڳ ۾ ئي لاڳو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان نار سهڪار ڪائونسل جي وڌيڪ دوستن کي چين جو سفر ڪرڻ لاءِ ڀليڪار ڪريون ٿا. ان کان اڳ سعودي عرب کي چين سان منظور ٿيل منزل جو درجو حاصل هو، جيڪو پهرين جولاءِ 2024 ع کان لاڳو آهي.