تهران – 27 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مسلمان امت ۾ ايران جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ امن، ترقي ۽ هم آهنگي جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جو منتظر آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ايران جي رهبر اعليٰ سيد علي خامنه اي سان ملاقات ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. مون خاص طور تي مسلمان امت کي درپيش موجوده چئلينجز جي حوالي سان سندس راءِ طلب ڪئي. هن چيو ته اسان گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، مون ثالث طور ايران جي ڪردار ۽ ڏکڻ ايشيا جي تازي بحران جي دوران پاڪستان جي لاءِ پنهنجي ڳڻتي جي اظهار تي سندن ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان مسلمان امت ۾ ايران جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ امن، ترقي ۽ هم آهنگي جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جو منتظر آهي.