تهران – 27 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امن، خوشحالي ۽ علائقائي استحڪام ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ايران سان ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اسان واپار، رابطن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان سان خوشگوار ۽ گرمجوشي سان ملاقات ٿي. وزيراعظم چيو ته هن ايران جي پرڏيهي وزير جا دوري ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ تازي اڳڀرائي تي ڳڻتي جي اظهار تي ٿورا مڃيا. هن امن، خوشحالي ۽ علائقائي استحڪام ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ايران سان ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جو ورجاءُ ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان واپار، رابطن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين.