اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان چيو آھي ته پاڪستاني معيشت ۾ ڪاروباري برادري جو ڪردار اهم آھي، ڪمپنيز ايڪٽ ۾ ترميمون تجويز ڪيون پيون وڃن. صنعت ۽ پيدوار واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ھارون اختر خان جي صدارت ھيٺ ادارن جي غير ضروري مداخلت، ھراسان ڪرڻ، قرضن جي فراھمي تي ڪميٽي جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شھباز شريف جي ھدايت تي قائم ڪميٽين جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. ھن چيو ته وزيراعظم جي ھدايت مطابق معيشت جي ترقي لاءِ اھي پاليسيون اھم ڪردار ادا ڪنديون. ھارون اختر خان چيو ته ڪاروباري برادري کي ھر ممڪن قانوني تحفظ فراھم ڪنداسين، حڪومت ڪاروباري ۽ صنعتي شعبي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي، پاڪستاني معيشت ۾ ڪاروباري برادري جو اھم ڪردار آھي، ان جو تحفظ لازمي آھي. ھن چيو ته ايڪسيس ٽو ڪريڊٽ جي حوالي سان پاليسي آڻي رھيا آھيون، ڪميٽي ڪاروباري برادري ۽ صنعت ڪارن جي مسئلن جو حل پيش ڪندي.