اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون ۾ پوليس چؤڪيءَ تي حملو ناڪام بنائڻ ۽ ميانوالي ۾ 3 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي بهادر فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب هن چيو ته بنون پوليس جي جوانن خوارجي دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي حملو ناڪام بنايو آهي. هن خوارجي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن ۾ مٽيءَ ۾ ملائي تي ڪي پي ڪي جي پوليس جي جوانن کي شاباش ڏني. گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي پوليس بهادريءَ سان دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي پوليس جي بهادر پُٽن تي ناز آهي. ميانواليءَ ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن دليريءَ شان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ 3 دهشتگردن کي منطقي انجام تائين پهچايو. گهرو وزير چيو ته سي ٽي ڊي جي جوانن جي پيشيوراڻين صلاحيتن تي فخر آهي، 3 دهشتگردن کي مارڻ تي سي ٽي ڊي جي ٽيم مبارڪون لهڻي.