اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گهرو معاملن واري وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات ڪري مُختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال، طورخم ۽ تافتان بارڊرز تي درپيش عوامي ۽ واپاري مسئلن سميت سي پيڪ سيڪيورٽي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران گورنر خاص ڪري ڊيرا اسماعيل خان جي حدن ۾ بدامني ۽ اغوا جي وارداتن تي شديد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته ان واقعن سان نه صرف سيڪيورٽي خدشا وڌي رهيا آهن پر ترقياتي ڪمن ۾ به رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن. گورنر طورخم بارڊر تي واپارين ۽ عام شهرين کي درپيش مسئلن ۽ تافتان بارڊر تي زائرين جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٻئي هنڌ قومي ۽ علائقائي اهميت رکندڙ آهن ۽ انهن تي بهتر سهولتون ۽ سيڪيورٽيءَ جي فراهمي اڻٽر آهي. گهرو وزير خاطري ڪرائي ته سي پيڪ جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا پيا وڃن ۽ طورخم تافتان بارڊر تي واپارين ۽ زائرين کي درپيش مسئلن جي فوري حل کي ترجيحن ۾ شامل ڪيو ويو. هن تافتان بارڊر تي زائرين لاءِ سهولتن جي فراهميءَ کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير گورنر جي درخواست تي پهاڙ پور تعلقي ۾ پاسپورٽ آفيس جي قيام لاءِ به فوري قدمن جي خاطري ڪرائي. گهرو وزير چيو ته مان جلد ئي تافتان ۽ طورخم بارڊر جو دؤرو ڪندس. جڏهن ته ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ريلوي واري وزارت ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان پُڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي موجوده سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن تي روشني وڌي. ملاقات دوران ملڪي استحڪام، امن امان جي صورتحال ۽ ترقياتي رٿائن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. جن جو مقصد عوام جي فلاح بهبود کي يقيني بنائڻ آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي ريلوي جي شعبي ۾ جاري سڌارن ۽ ترقياتي ڪمن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ملڪ جي ترقيءَ لاءِ جديد ۽ مؤثر ٽرانسپورٽ نظام اڻٽر آهي. وفاقي وزير صوبي ۾ ريلوي انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ مضبوط ۽ بهتر بنائڻ لاءِ حڪومتي ارادن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي، تعاون، خصوصي طور ڪي پي ڪي جي ترقياتي ايجنڊا کي ترجيح ڏيڻ ۽ عوام جي سهولتن کي بهتر بنائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان علاوه هن ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي گڏجي حڪمت عملي بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن پاڪستان کي درپيش چئلينجز جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪري سگهجي.