ماسڪو-23 مئي (اي پي پي) روس يوڪرين سرحد تي سيڪيورٽي بفر زون قائم ڪندو، جنهن کي روس جي فوج عملي جامو پهرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان ڳالهه جو اعلان صدر ولادي ميرپيوٽن سرڪاري عملدارن سان ملاقات دوران ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ولادي ميرپيوٽن چيو ته اسان پنهنجي سرحدن سان هڪ ضروري سيڪيورٽي بفر زون ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هٿياربند فوج ان ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪرسڪ، بيلگو روڊ ۽ برائنسڪ جي علائقن ۾ هاڻوڪي اڳڀرائيءَ کي نظر ۾ رکندي هاڻوڪن واقعن کان متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ فوري ڪوششن جي ضرورت آهي. ان ۾ مقامي آبادين کي انهن جي اباڻن ڳوٺن ۾ واپس موڪلڻ ۾ مدد ڪرڻ شامل آهي. شرط اهو آهي ته حفاظتي حالتون ان جي اجازت ڏين. ٻئي طرف لڏپلاڻ جي نيٽ ورڪ ۽ ٻي انفراسٽرڪچر جي بحالي، صنعتي ۽ زرعي ادارن جي هموار آپريشن کي يقيني بنائڻ ۽ ڪاروباري ماڻهن ۽ انهن جي ملازمن جي مدد ڪرڻ ضروري آهي.