اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار خضدار سانحي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارتي پراڪسيز کي باز اچڻ گهرجي، ان حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي تي مشاورت ٿيڻ گهرجي، هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا ان حوالي سان ملڪ جي مستقبل جي راهه جو تعين ڪري، اسان آفريقي ملڪن ۾امن ۽ استحڪام جي حمايت ڪريون ٿا. سينيٽ جي اجلاس ۾ڳالهائيندي هن چيو ته خضدار جهڙا واقعا ڪنهن به طرح قابل قبول نه آهن، انهن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارتي پراڪسيز کي باز اچڻ گهرجي. هوائن ۾ ۽زمين تي انهن جي ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪا حالت ٿي آهي ان مان انهن کي سکڻ گهرجي. هن سندس چين جي دوري دوران خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ملاقات ۾ چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ ملاقات ٿي. ايوان جي جذبن جو ادراڪ آهي. ان حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي تي مشاورت ٿيڻ گهرجي. هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا ان حوالي سان ملڪ جي مستقبل جي راهه جو تعين ڪري. اي پي ايس تي حملي کانپوءِ قومي يڪجهتي پلان جوڙيو ويو جنهن جي ڪجهه حصن تي عمل ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم، سِول ۽ فوجي قيادت ان دهشتگردي جي خاتمي تي ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته آفريقي سفارتي برادري کي ايوان ۾ ڀليڪار چئون ٿا. اڄ پاڪ آفريقا دوستي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي جيڪو اظهار جو موقعو فراهم ڪري ٿو. سينيٽ پاران سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايوان ۽ سينيٽ ميمبرن پاران آفريقي ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اڄ اسان نه رڳو تاريخي لاڳاپا پر تعاون، احترام ۽ اسٽريٽجڪ مصروفيتن تي ٻڌل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪريون ٿا. پاڪستان ۽ آفريقا تاريخي گهري يڪجهتي ۾ ٻڌل آهن. 20هين صديءَ ۾ آفريقي ملڪن استعماري طاقتن جو مقابلو ڪيو، انساني وقار انصاف ۽ خودمختياري جي حق جا گڏيل قدر رکون ٿا. اسان گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ آفريقي يونين ۾ آفريقي ملڪن جي مطالبن جي حمايت ڪريون ٿا. اسان آفريقي ملڪن ۾ امن ۽ استحڪام جي حمايت ڪريون ٿا. پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشن تحت آفريقا ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. آفريقا معاشي ترقي جي شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان انگيج آفريقا پاليسي تي عمل شروع ڪيو، جنهن جو مقصد معيشت، سيڪيورٽي، سفارتي ۽ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ آهي.