تهران – 22 مئي (اي پي پي) ايران روم ۾ آمريڪا سان سڌيءَ ريت ايٽمي معاملن تي ڳالهين جي پنجين دور لاءِ عمان جي تجويز تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته ايران جي ڳالهين واري ٽيم ايٽمي توانائي جي پرامن استعمال سميت يورينيم جي رچاءُ ۽ ظالماڻن پابندين کي هٽائڻ جي حوالي سان قوم جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ ۾ ثابت قدم آهي ۽ اهي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي. واضح رهي ته عمان جي مدد سان ايران ۽ آمريڪي وفد تهران جي ايٽمي پروگرام ۽ آمريڪي پابندين جي خاتمي تي اپريل کان هن وقت تائين سڌيءَ ريت ڳالهين جا چار دور ٿي چڪا آهن.