اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي وزير خالد حسين مگسي سان ڪاسميٽڪس صنعت جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي سطح تي صنعت جي درپيش مسئلن، چئلينجز ۽ موقعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق وفد ٻڌايو ته مصنوعات جي معيار جي گهٽتائي، جانچ جي نظام جي سستي ۽ روانگي واپار ۾ رڪاوٽ ان شعبي جي ترقي ۾ وڏيون رڪاوٽون آهن. خالد حسين مگسي خاطري ڪرائي ته حڪومت صنعت جي ترقي ۾ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي ته جيئن مقامي مصنوعات عالمي مارڪيٽ ۾ موثر انداز ۾ متعارف ڪرائي سگهجي. هن چيو ته صارفين کي معياري مصنوعات جي فراهمي لاءِ هڪ مربوط ۽ آسان ”ون ونڊو“ ڪوالٽي اشوئرنس نظام متعارف ڪرايو ويندو جڏهن ته انساني استعمال جي سمورن مصنوعات جي سخت ۽ جامع جانچ کي يقيني بڻايو ويندو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت نه رڳو معيار کي عالمي سطح تي بلند ڪندي پر روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ به عملي قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪستاني ڪاسميٽڪس مصنوعات ۾ ڀرپور صلاحيت موجود آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ان حوالي سان پاليسي سازي، تحقيق ۽ ترقي ۽ صنعت سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.