اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب روانگي واپار تي ٻڌل اوسر جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته نجي شعبو معيشت جي ترقي جو اصل محرڪ آهي، اهم معاشي اهڃاڻن سان معيشت جي درست رخ جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن اها ڳالهه نيدرلينڊز جي سفير هيني ڊي فريس سان ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي معاشي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. ناڻي واري وزير پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال ۽ حڪومتي سڌارن جي ايجنڊا بابت سفير کي آگاهه ڪيو ۽ خاص طور تي معيشت جي اهم شعبن تي روشني وڌي. هن پائيدار، پيداواري ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي لاءِ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نجي شعبو معيشت جي ترقي جو اصل محرڪ آهي. هن پاڪستان ۾ ترقي ۽ صلاحيت وڌائڻ جي مختلف منصوبن ۾ نيدرلينڊ جي فني ۽ مالي مدد کي ساراهيو. وفاقي وزير پاڪستان ۾ نيدرلينڊز جي ڪمپنين جي دلچسپي ۽ سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ بهتر ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سفير هيني ڊي فريس حڪومت جي معاشي سڌارن ۽ روانگي واپار تي ٻڌل پاليسين کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ نيدرلينڊ جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين پاڪستان ۽ نيدرلينڊز وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.