اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي کانپوءِ ڪجهه ڌُرين طرفان سيڪيورٽي فورسز تي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ الزام لڳايا پيا وڃن، سيڪيورٽي فورسز کي ان واقعي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو ته اهي الزام سراسر بي بنياد آهن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردي جي روڪٿام جي ڀرپور ڪوششن کي بدنام ڪرڻ جي هڪ منظم ڊس انفارميشن جو حصو آهن. انهن بي بنياد دعوائن کانپوءِ فوري طور تي هڪ جامع جاچ عمل جي شروعات ڪئي وئي، جنهن جي شروعاتي رپورٽ ۾ واضح طور تي سامهون آيو آهي ته اهو ڪڌو عمل ڀارت جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الخوارج منصوبابندي سان انجام ڏنو. اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اهي عنصر پنهنجي ڀارتي آقائن جي اشارن تي ڪم ڪندا آهن، دهشتگرد ڪاررواين لاءِ عام شهري علائقن ۽ معصوم ماڻهن کي ڍال طور استعمال ڪندا آهن، انهن جو مقصد مقامي آبادي ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ آهي جيڪو ناڪام ٿيندو. سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر عزم جو اظهار ڪري ٿي ته ان غير انساني قدمن ۾ ملوث سمورن عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.