راولپنڊي -19 مئي (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10هين ايڊيشن جي سلسلي ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي جي ميچ دوران پاڪ فضائيه جي شاهينن کي زبردست انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ چيف آف ايئر اسٽاف ظهير احمد بابر ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت، دشمن جي 6 جهازنن کي تباهه ڪرڻ واري ڪارڪردگي ۽ قومي دفاع ۾ سندن ڪردار کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو ويو. اسٽيڊيم پاڪ فوج زنده باد پاڪستان زنده باد جي نعرن سان گونج جي ويو، قومي تراني جي احترام ۾ سڀئي اٿي بيٺا ۽ هر پاسي قومي جهنڊن جي بهار ڏسڻ ۾ پئي آئي. تقريب جي پڄاڻي تي شاندار آتشبازي ماحول کي بهترين بڻائي ڇڏيو.