اسلام آباد -19 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نيون منڊيون ڳولي رهيا آهيون، ٽريڊ پاليسي فريم ورڪ تي ڪم جاري آهي جنهن سان سمورين ڌرين کي فائدو ٿيندو. انهن خيالن جو اظهار هن فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن ۽ واپاري واري وزارت جي سهڪار سان منعقد جاگرافيائي مصنوعات جي سڃاڻپ سان لاڳاپيل قومي ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته جيوگرافيڪل انڊيڪيشن سسٽم ڪانفرنس تجربن جي مٽاسٽا جو موقعو فراهم ڪندي آهي ۽ واپار واري وزارت ان سسٽم تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته عوام کي جيوگرافيڪل انڊيڪيشن سسٽم سان واڳيل ڄاڻل فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته جيوگرافيڪل انڊيڪيشن سسٽم سان مقامي ثقافت، هنر ۽ انساني محنت کي تحفظ ملي ٿو. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۾ 200 کان وڌيڪ مصنوعات جي امڪاني جي آءِ طور سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. هاڻي تائين 20 مصنوعات جي آءِ تحت رجسٽر ڪيون ويون آهن جن ۾ باسمتي چانور، چلغوزه، سنڌڙي انب، پشاوري چپل، چونسا انب، سرگوڌا جي نارنگي ۽ ملتان جي نيري مٽي شامل آهن. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستاني مصنوعات جي حقن جي تحفظ وارا قدم کنيا ويا آهن. جي آءِ سسٽم سان روانگي واپار ۾ اضافو ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر مقام حاصل ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته ڊوميسٽڪ ڪامرس پاليسي تحت وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، موجوده دور ۾ اي ڪامرس ۽ ڊجيٽل ڪنيڪٽويٽي جي اهميت وڌي وئي آهي جنهن مان فائدو کنيو ويندو. ڄام ڪمال خان چيو ته جي آءِ سسٽم صرف واپار ناهي اهو ماحوليات ۽ ڪميونٽي جو جٽادار ذريعو به آهي. هن چيو ته حڪومت عليحده جي آءِ رجسٽري جي قيام لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. جي آءِ نظام جي بهتري لاءِ قومي حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي. ان سسٽم جي استحڪام سان پاڪستان جي ثقافتي ۽ زرعي وراثت محفوظ رهندي. هن چيو ته محدود آگاهي ۽ اداره جاتي رابطن جو فقدان جي آءِ نظام ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته جي آءِ سسٽم پاڪستان جي معيشت ۾ نئين روح ڀري سگهي ٿو ۽ ان سسٽم سان ننڍا آبادگار، ڪاريگر ۽ سپلاءِ چين ۾ شامل ٻين ماڻهن کي فائدو پهچندو.