ڪراچي-19 مئي (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽنگ ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجي جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري چوٿين بين الاقوامي ڪانفرنس 21 مئي کان شروع ٿيندي. مشهور ريسرچ اسڪالرس ڪمپيوٽنگ، مصنوعي ذهانت ۽ سماج جي مستقبل جوڙجڪ جي موضوعن تي پنھنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندا. ريسرچ اسڪالرس ۾ مصنوعي ذهانت، پائيداري ۽ سوسائٽي جو عالمي شهرت يافته ماهر پروفيسر ڊاڪٽر مارٽن مائير، وائرليس سينسر نيٽ ورڪس ڊيجيٽل ٽوئنز ۽ انسٽرومينٽيشن ۾ پنهنجي 40 سالن کان وڌيڪ جي تحقيق لاءِ مشهور پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري، هيلٿ ڪيئر جو مشهور ڊاڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر نديم محمود، مشهور پروفيسر ۽ ريڪٽر ڊاڪٽر طارق رحيم سومرو، مصنوعي ذهانت ۽ ايل او ٽي وسيلي زراعت کي تبديل ڪندڙ ماهر پروفيسر ڊاڪٽر عقيل الرحمان، ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ آرڪيٽيڪٽ ڊاڪٽر راڻا شهزاد قيصر ۽ ٻيا شرڪت ڪندا. ڄاڻايل بين الاقوامي ڪانفرنس جي ڪنوينر ۽ فيڪلٽي آف آءِ ٽي جي ڊين ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ چيو آھي ته ان بين الاقوامي ڪانفرنس جو افتتاحي اجلاس اربع ڏينهن 21 مئي تي سر شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيندو، ڪانفرنس ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جو چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي خاص مھمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته افتتاحي سيشن کان پوءِ شام تائين مختلف ويهڪُون منعقد ٿينديُون.