بيجنگ – 19 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي چين جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو. ايئرپورٽ تي چيني عملدارن ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب محمد اسحاق ڊار چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏوگڏ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي اهم ميمبرن سميت ٻين سينيئر چيني اڳواڻن سان جامع ڳالهه ٻولهه ڪندو. ملاقاتن ۾ موجوده علائقائي اڳڀرائي ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي ڪيترن ئي رخن تي ڌيان ڏنو ويندو. هي دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جو حصو آهي. رواني ٿيڻ کان اڳ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار صحافين کي ٻڌايو ته چين پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجها ۽ مضبوط لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته گذريل ٽن هفتن دوران سندس پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن کيس چين جي دوري جي دعوت پڻ ڏني هئي. هن چيو ته چيني قيادت سان سندس ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ کانسواءِ سياسي، مقامي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن سڄي دنيا جي ڪيترن ئي هم منصبن سان پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارتي الزام بازي جي ڊرامي کي پاڪستان اڳ ۾ ئي بي نقاب ڪري چڪو آهي ۽ ڀارت جي بي بنياد الزامن جي راند بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي.