راولپنڊي -19 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏيل دلچسپ ميچ ڏٺي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي نيٽلي بيڪر سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پي سي بي چيئرمين نيٽلي بيڪر جو اسٽيڊيم ۾ اچڻ تي شڪريو ادا ڪيو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ ٻنهي اڳواڻن راند جي ميدان ۾ سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.