راولپنڊي-18 مئي (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جو ٽيهون ۽ آخري ليگ ميچ سومر 19 مئي تي اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ڪراچي ڪنگز 12 پوائنٽس سان ٻئين ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ 10 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي. ٻئي ٽيمون پنهنجي بهترين اسڪواڊ سان ميدان ۾ لهنديون، ڪرڪيٽ مداحن کي دلچسپ راند ڏسڻ لاءِ ملڻ جو امڪان آهي.