لاهور -17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم سپريم ليڊر آيت الله خامنه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ايران جي مخلصاڻين ۽ ڀائراڻين سفارتي ڪوششن تي صدر پيز شڪيان جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم خاص ڪري ايراني صدر پاران گذريل مهيني وزيراعظم سان ٽيليفون رابطي ۽ بحران دوران پرڏيهي وزير عباس عراقچي کي خطي ۾ موڪلڻ تي ٿورو مڃيو. پاڪستان خلاف هندستان جي بنا جواز حملن جي شديد مذمت ڪندي جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم شهرين کي شهيد ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج دشمن کي ذميداراڻو ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن چيو ته پاڪستان هميشه امن جو خواهشمند رهيو آهي ۽ ان جذبي تحت ڀارت سان جنگ بندي مفاهمت تي اتفاق ڪيو ۽ ان کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي. هن پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي هر قيمت تي دفاع ڪرڻ جو پختو عزم ورجايو. وزيراعظم ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي ڀڃڪڙي جي ڪوششن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن قدمن کي پاڪستان غيرقانوني ۽ پاڪستان لاءِ ڳاڙهي لڪير سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي پاڻي 24 ڪروڙ ماڻهن لاءِ لائيف لائين آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڄمون ڪشمير تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ان جي منصفاڻي حل کي خطي ۾ پائيدار امن لاءِ اهم قرار ڏنو. ايران جي صدر هاڻوڪي ڇڪتاڻ دوران شهرين جي جانين جي نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي جنگ بندي مفاهمت جي اجيان ڪئي. هن چيو ته ايران خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ ايران ٻه طرفه لاڳاپن تي به ڳالهيون ڪيون. هنن گڏيل مفاد جي سمورن شعبن خاص ڪري واپار، علائقائي رابطن، سلامتي ۽ عوامي رابطن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ايران جي صدر وزيراعظم کي تهران جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني جيڪا وزيراعظم قبول ڪئي.