اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۾ منعقد دنيا جي زيتون جي سڀ کان وڏي مقابلي ۾ لورالائي، بلوچستان جي اوليو آئل سلور ايوارڊ حاصل ڪري ورتو. مقابلي ۾ بلوچستان ضلعي جي لورالائي جي آبادگار عبدالجبار جي باغ مان حاصل ڪيل تيل کي عالمي سطح تي بهترين معيار جو زيتون جو تيل تسليم ڪيو ويو آهي. نيويارڪ انٽرنيشنل اوليو آئل مقابلي ۾ سڄي دنيا جي 1200 برانڊ کان وڌيڪ برانڊز شرڪت ڪئي. مقابلي ۾ لورالائي اوليوز جي چيف ايگزيڪٽو شوڪت رسول ان حوالي سان چيو ته اسان جو خواب هو ته پاڪستان پڻ زيتون جي پيداوار جي حوالي سان پهرين صف وارن ملڪن جي قطار ۾ شامل ٿئي، اڄ اسان جو خواب پورو ٿيو آهي. لورالائي ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جي زيتون جو تيل پيدا ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيويارڪ جي عالمي مقابلي ۾ ايوارڊ کٽڻ کان پوءِ بلوچستان جي زيتون جي تيل جي پذيرائي ۾ عالمي سطح تي نمايان اضافو حاصل ٿيندو.