اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڀارت جي کليل اڳرائي ۽ اشتعال انگيزي خلاف پاڪستان جي شاندار ڪاميابي ۽ فتح تي اڄ الله تعاليٰ جو شڪر بجا آڻڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. شڪراني جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت بزدليءَ جو مظاهرو ڪندي پاڪستان تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ۽ بيگناهه شهري شهيد ٿيا ۽ اسان کي انهن بي گناهه شهرين خاطر جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن چيو ته دنيا ڏٺو ته ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي گوڏن کوڙڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳا، جيڪي جهاز ڀارت جو غرور هئا اهي رَک ۽ عبرت جو نشان بڻجي چڪا آهن، اسان جي شاهينن دشمن تي ڪاري ضرب لڳائي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر ۽ پيشيوراڻي هٿياربند فوج دشمن کي سندس ئي زبان ۾ اثرائتو ۽ ڀرپور جواب ڏئي عسڪري تاريخ جو سونهري باب لکيو ۽ دشمن جي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. دشمن جا فوجي اڏا، هٿيارن جا ڊيپو ۽ ايئر بيسز ڏسندي ئي ڏسندي کنڊر بڻجي ويا. سندن رافيل اسان جي شاهينن جي نشاني تي آيا ۽ الله جي فضل سان ناڪام ٿيا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جي اها ڪارروائي ان فرسوده نظريي خلاف هئي جيڪي انسان دشمني، اڳرائي، مذهبي جنون ۽ تعصب تي قائم آهي، اها اسان جي غيرت ۽ اصولن جي فتح آهي، اها پاڪ فوج سان گڏوگڏ خوددار، غيرتمند ۽ باوقار پاڪستاني قوم جي ڪاميابي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ان موقعي تي پنهنجي قوم طرفا جنرل سيد عاصم منير جي دل جسي گهرائين سان شڪريو ادا ڪريون ٿا جنهن جي عقلمنداڻي اڳواڻي ۾ اها حق جي ويڙهه مڪمل ٿي، ان سان گڏوگڏ چيف آف ايئر اسٽاف ظهير بابر ۽ سندس شاهينن جي وڏي گرمجوشي سان شاباش پيش ڪريان ٿو جن اسان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. مان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف کي به خراجِ تحسين پيش ڪريان جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان نيوي پاڪستان جي سمنڊ جي حفاظت ڪندي رهي. هن چيو ته مان سمورن اتحادي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين سميت سڄي ملڪ جي سياسي قيادت ۽ پارليامينٽ جو دل سان شڪريو ڪريان ٿو جنهن بي مثال اتحاد ۽ تاريخي يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پارلياماني سفارتڪاري جي اثرائتي ڪردار سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو هاڪاري ۽ وقار اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄ پاڪستان هڪ ذميدار رياست طور تي دنيا آڏو بيٺل آهي، اسان پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺل آهيون ۽ دشمن کي هر محاذ تي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ متحد آهيون.