لاهور-16 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سڄي ملڪ ۾ ملهايل شڪراني جي ڏهاڙيءَ تي پاڪستان رينجرز (پنجاب) هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو. ڊي جي پاڪستان رينجرز (پنجاب) ميجر جنرل محمد عاطف بن اڪرم گهرو وزير جو استقبال ڪيو. گهرو وزير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. گهرو وزير شهيدن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي ۽ شهيدن جي عظيم قربانين کي شاندار لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن حوصلن کي ساراهيو. گهرو وزير شهيدن جي وارثن جا مسئلا ٻُڌا ۽ انهن جي حل لاءِ موقعي تي ئي هدايتون جاري ڪندي چيو ته شهيدن جي وارثن جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي، شهيد اسان جو شان آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شهيدن جي قربانين جو مثال نٿو ملي. پوري قوم شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان رينجرز پنجاب جي آفيسرن ۽ جوانن جي جرئت ۽ دليري جي تاريخ لکي آهي، قوم کي پنهنجي بهادر پُٽن تي ناز آهي. گهرو وزير پاڪستان رينجرز (پنجاب) جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي ۽ عزم ۽ حوصلي کي ساراهيو. بعد ۾ هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا.