اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پوري قوم کي تاريخي فتح تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان پاڪستان هڪ نئون باب لکيو آهي. سڄي ملڪ ۾ ملهايل شڪراني جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ هن وطن جي دفاع ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارن شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته سندن عظيم قربانين کي قوم ڪڏهن به وِساري نه سگهندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فوج دشمن جي جارحاڻا عزم مٽيءَ ۾ ملائي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان هڪ پُرعزم، بهادر ۽ مضبوط قوم آهيون. سيدال خان چيو ته 10 مئي کانپوءِ فضا ۾ اميد، اتحاد ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي ويو آهي. پاڪستان جنهن جرئت، نظم ۽ ضبط ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو، ان دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڊپٽي چيئرمين عوام، پارليامينٽ، نوجوانن ۽ ميڊيا جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ پاڪستانين هن نازڪ وقت ۾ يڪجهتي ۽ قومي شعور جو مظاهرو ڪيو. ڊپٽي چيئرمين هٿياربند فوج لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته قوم پنهنجي فوج سان گڏ آهي ۽ وطن جي دفاع لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي.