اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ڀارت وري ڪا حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کان به وڌيڪ منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي خواجه محمد آصف چيو ته ڀارت پنهنجا ڦٽ چٽي رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا، حڪمران ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سميت سڀ پنهنجا ڦٽ چٽي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ انهن ماڻهن جي لوڌ آيل آهي جيڪي نريندر مودي ۽ ان جي ناڪامي تي تنقيد ڪري رهيا آهن. خواجه محمد آصف چيو ته ڀارت اهڙو دشمن آهي جنهن جو اعتبار نٿو ڪري سگهجي، اسان هر وقت تيار آهيون. پي ٽي آءِ باني جي حڪومت سان ڳالهين جي راضپي جي سوال تي وفاقي وزير خواجه محمد آصف تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪندي چيو ته ڪو به آواز پي ٽي آءِ منجهان نڪرندو آهي ان جي اندر ئي اندر ترديد به شروع ٿي ويندي آهي، پر پي ٽي آءِ ۾ پاڻ ۾ جنگ شروع ٿي ويندي آهي، پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ ڌار بيان ڏيندي آهي، خيبرپختونخوا کان ڌار بيان ايندو آهي، پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر جو ڌار بيان ايندو آهي ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جو ڌار بيان ايندو آهي، هن چيو ته 11، 12 مختلف قسم جا مختلف آواز ايندا آهن، ان لاءِ منهنجو ان تي تبصرو ڪرڻ وقت جو زيان آهي.