اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) حڪومت ڪڻڪ جي خريداري بند ڪرڻ ڪرڻ کانپوءِ پاسڪو جي نجڪاري جو فيصلو ڪيو آهي، اثاثن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ڪنسلٽنٽ جون خدمتون به ورتيون ويون آهن. قومي اسيمبيءَ ۾ سوالن واري وقفي دوران هڪ سوال جي جواب ۾ غذائي تحقيق واري وزارت طرفان پارلياماني معاملن واري وزير جي سوالن جو جواب ڏيندي چيو ته حڪومت هن سال فيصلو ڪيو آهي ته هو ڪڻڪ خريد نه ڪندي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ بهتر وڃي رهي آهي آبادگار خوشحال ٿي رهيا آهن. ڪڻڪ جي سڄي ملڪ ۾ چُرپر تي ڪا پابندي ناهي. هن ٻُڌايو ته پاسڪو ڪڻڪ خريد ناهي ڪري رهيو. پاسڪو کي جاري رکڻ جو ڪو فائدو ناهي ان کي بند ڪيو پيو وڃي. ان جي اثاثن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ هڪ ڪنسلٽنٽ جون خدمتون به ورتيون ويون آهن. پاسڪو جي نجڪاري شفاف طريقي سان ٿيندي. جڏهن ته قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته حڪومت آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪو مڪينزم بڻائي، جڏهن تي حڪومت پاران ٻُڌايو ويو ته جيڪڏهن ڪو آبادگار ويئر هائوس ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ چاهي ٿو ته حڪومت ادائگي ڪندي.