مظفرآباد-16 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته اسان آپريشن بنيان مرصوص ۾ ڀارت خلاف زبردست ڪاميابي تي پنهنجي هٿياربند فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا، پاڪ فوج بهادري سان ڀارت جي ناپاڪ ارادن ۽ جنگي جنون کي مٽيءَ ۾ ملايو ۽ سڄي قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو، مودي سرڪار پهلگام ۾ فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ پاڪستان جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪندي شهري آبادين کي بمباري جو نشانو بڻايو ۽ والاريل ڪشمير جي اندر به پهلگام واقعي جي بنياد تي ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو. ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي. اهڙو اظهار آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ڪوٽلي ۾ ڊاڪٽر جهانگير طرفان ڏنل آجياڻي کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو ته مودي سرڪار جي هندو پرست پاليسين، انتهاپسنداڻي رويي ۽ جنگي جنون جو پردو کڄي چڪو آهي، جنهن تي ڀارت جي عوام به مودي سرڪار جي ناڪامي تي آواز اٿارڻ سان گڏوگڏ نريندر مودي کان استعيفا جو مطالبو ڪري رهي آهي جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته مودي سرڪار پنهنجي هندو پرست پاليسين سبب بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ان جي فسطائيت جو پردو ڀارت جي اندر ۽ عالمي برادري آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي شهري آبادين کي نشانو بڻائي معصوم شهرين کي شهيد ڪيو، ڀارت پاڪستان جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪندي ملڪي سلامتي کي نشانو بڻايو جنهن تي پاڪ فضائيه ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ڀارت جي جنگي جنون کي مٽيءَ ۾ ملائيندي ڀارت جا پنج ويڙهاڪ جهاز ماري ڪيرايا. هن چيو ته اسان عالمي برادري خاص ڪري آمريڪا کي اپيل ڪريون ٿا ته هو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب سندن خود مختياري وارو حق ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.