راولپنڊي – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري) سان گڏ ڪمبائنڊ ملٽري هاسپيٽل (سي ايم ايڇ) راولپنڊي جو دورو ڪيو ۽ معرڪه حق آپريشن بُنيانِ مرصوص ۾ زخمي جوانن ۽ شهرين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم زخمي جوانن جي معرڪه حق دوران بي مثال بهادري، عزم ۽ فرض شناسي تي شاباس ڏني. وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح پاڪ فوج ۽ پوري قوم اها جنگ وڙهي، ان جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته ڀارتي جارحيت جي خلاف عوام جي ثابت قدمي ملڪ جي عسڪري تاريخ جو هڪ فيصلائتو باب بڻجي چڪو آهي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.