اسلام آباد– 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي پر پنهنجي دفاع ۾ ڀرپور جوابي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو، پاڪستان جي بهادر ۽ پيشيواراڻي هٿياربند فوج دشمن کي موثر ۽ ڀرپور جواب ڏئي عسڪري تاريخ جو سنهري باب لکي ڇڏيو آهي. هن اها ڳالهه شڪراني جي ڏهاڙي جي حوالي سان وزيراعظم هائوس ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب جي موقعي تي چئي. وزيراعظم ان موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اڄ ڀارت جي کليل جارحيت ۽ اشتعال انگيزي جي خلاف پاڪستان جي شاندار ڪاميابي ۽ فتح تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت بزدلي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ۽ بيگناهه پاڪستاني شهري شهيد ٿيا ۽ اسان کي انهن بيگناهه شهرين جي خاطر جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي پر پنهنجي دفاع ۾ ڀرپور جوابي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر ۽ پيشيواراڻي هٿياربند فوج دشمن کي انهي جي زبان ۾ موثر ۽ ڀرپور جواب ڏئي عسڪري تاريخ جو سنهري باب لکي ڇڏيو آهي.