اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان پاڪ ڀارت تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پاڪ فوج، سياسي قيادت ۽ مخالف ڌر پارٽين جي مثبت ڪردار کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو. شيري رحمان چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، جنهن تي سڄي قوم کي فخر آهي. هن پاڪ فوج جي پيشيوراڻي ڪردار ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ان نازڪ گهڙي ۾ پاڪ فوج قوم جي اميدن تي پورو لهندي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. سينيٽر شيري رحمان سياسي هم آهنگي تي پڻ زور ڀريو ۽ چيو ته سمورين سياسي پارتين ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ دانشمندي جو مظاهرو ڪندي هڪ پيج تي رهڻ جي روايت کي برقرار رکيو، جيڪو جمهوري روايتن لاءِ هڪ سٺو سنئوڻ آهي. هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته بلاول ڀٽو عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو ۽ ملڪي موقف کي مضبوط طريقي سان پيش ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي ڪردار تي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته وزيراعظم جنگ جهڙي نازڪ حالتن ۾ هڪ فعال ۽ موثر قيادت جو مظاهرو ڪيو، سندس ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. شيري رحمان مخالف ڌر اڳواڻ ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽين جي ڪردار کي به مثبت قرار ڏنو ۽ چيو ته ملڪ جي سلامتي ۽ يڪجهتي لاءِ مخالف ڌر به هڪ ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو، جيڪو قومي مفاد ۾ آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته قومي اتحاد جو هي سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو ته جيئن پاڪستان هر محاذ تي ڪامياب ٿئي. شيري رحمان چيوته پوري پاڪستاني قوم يڪجهتي سان يوم تشڪر ملهائي رهي آهي ۽ هي اتحاد اسان جي طاقت جو چٽو ثبوت آهي. هن ڀارت جي جارحيت کي ناڪام بڻائيندي چيو ته ڀارت جو غرور مٽي ۾ ملايو ويو آهي ۽ دشمن جون سازشون ڪامياب نه ٿيون. پاڪ فوج جي حوالي سان هن خاص طور تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ پاڪ فضائيه جو ٿورو مڃيو، جنهن دشمن خلاف ڀرپور محاذ سنڀاليو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان کي فتح نه ٿيڻ جوڳي دفاعي حيثيت ڏني، جيڪا اڄ به اسان جي طاقت جو سبب آهي. هن ڀارت تي جنگ مڙهڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته ڀارت غير منصفاڻي ۽ جارحاڻي جنگ اسان تي مڙهي، جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو. شيري رحمان پاڪستان کي هڪ ذميوار ايٽمي ملڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته اسان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ هر صورت ۾ تيار آهيون. مودي حڪومت ۽ وزيراعظم نريندر مودي کي دهشتگرد قرار ڏيندي هن چيو ته مودي ۽ سندس قيادت دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، جيڪو خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب آهي. شيري رحمان پاڪستان ٽيليويزن کي به ساراهيو ته هن ان جنگ دوران رياستي اداري طور پنهنجون ذميواريون چڱي ريت نڀايون ۽ قوم کي صحيح معلومات فراهم ڪئي. هن چيو ته ڀارت پهلگام واقعي کان فوري پوءِ بنا ڪنهن جاچ جي الزام پاڪستان تي لڳائي ڇڏيو، اڄ تائين ڀارت ان حملي جي جاچ نه ڪئي نه ئي ڪو نالو سامهون آيو، ڀارت بنا ڪنهن سبب جي پاڪستان تي حملو ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني ايئر فورس هڪ ڪلاڪ اندر ڀارت کي برداشت نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهچايو، ڀارتي تباهه ٿيل جهازن جو ملبو پوري دنيا ڏٺو، پاڪستاني فضائيه ڀارتي دفاع جي دل تي انتهائي بهادري سان حملو ڪيو، اسان جا پائليٽس بهادري، پيشيوراڻي مهارت ۽ قابليت جا نه وسارڻ جوڳا ثبوت ڏنا. مخالف ڌر جي پارٽين جو ٿورو ادا ڪندي هن چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين ان نازڪ وقت ۾ به اتحاد برقرار رکيو ۽ ملڪي مفاد کي فوقيت ڏني.