اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ملڪ جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي وحدت جو ضامن آهي ۽ ان جي بالادستي هر حال ۾ يقيني بڻائڻ رياستي ادارن جي گڏيل ذميواري آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته خيبرپختونخوا مان سينيٽرن جي چونڊ نه ٿيڻ جو بنيادي سبب اتان جي صوبائي اسيمبلي جو وقت سر اجلاس نه گهرائڻ آهي. هن چيو ته هي معاملو هاڻي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ اڱاري تي سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني بينچ ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. وفاقي وزير چيو ته سينيٽ چيئرمين ان سلسلي ۾ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪيو ۽ معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو تنهن هوندي به هاڻي اهو معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي ۽ هو ان کي سڌي ريت هدايتون نٿو ڏئي سگهي. اعظم نذير تارڙ خيبرپختونخوا جي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هن سينيٽ چونڊن جي جاري ڪيل شيڊول جو احترام نه ڪيو جنهن سبب اتي جي عوام جا نمائندا هن وقت تائين سينيٽ ۾ موجود ناهن. هن واضح ڪيو ته خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ چونڊون قانوني ڏکيائين ۽ ڪيسن سان جڙيل آهن جنهن جو فيصلو هاڻي عدالت ڪندي. وفاقي وزير چيو ته سمورن ادارن کي آئيني ذميواريون وقت سر ادا ڪرڻ گهرجن ته جيئن جمهوري عمل ۾ رنڊڪ نه اچي ۽ سينيٽ جي مڪمل نمائندگي يقيني بڻائي سگهجي. هن ان موقعي تي مرحوم سينيٽر تاج حيدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ سندس خدمتن کي ساراهيو. هن سينيٽ جي نئين چونڊيل ميمبر وقار مهدي کي ڀليڪار ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي تجربي سان ايوان جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو.