دوحه_ 15 مئي (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعتراف ڪيو آهي ته ايران جي مسئلي تي قطر آمريڪا جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ آمريڪي صدر اعلان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته قطر جون سفارتي ڪوششون ان حوالي سان ڪامياب ٿينديون. هن چيو ته آمريڪا ۽ قطر وچ ۾ واپاري ۽ دفاعي معاهدا طئي ٿي ويا آهن . قطر جي امير ان موقعي تي چيو ته آمريڪا سان قطر جا لاڳاپا هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ هي تاريخي دورو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.