ڪيف/ماسڪو-15 مئي (اي پي پي) جنگ جي حوالي سان روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو سڌي ريت ڳالهين ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس روس جو هم منصب ولاديمير پيوٽن شرڪت نه ڪندا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روس جي صدر يوڪرين سان بنا ڪنهن شرط جي سڌي ريت ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي جيڪا گذريل ڏينهن ترڪيه جي گاڌي واري شهر استنبول ۾ ٿي رهيون آهن، پر روس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته رڳو صدارتي صلاحڪار ولاديمير ميڊنسڪي ۽ نائب صدر اليگزينڊر فومن ڳالهين ۾ شريڪ ٿيندا. روس جي ان اعلان کانپوءِ هڪ آمريڪي عهديدار چيو ته صدر ٽرمپ به ڳالهين ۾ شرڪت نه ڪندو، جڏهن ته ان کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ ڳالهين لاءِ ترڪيه جي دوري جو اشارو ڏنو هو. جيتوڻيڪ روس جي صدر ڪڏهن به ڳالهين ۾ شرڪت جي تصديق ناهي ڪئي پر آمريڪي ۽ روسي قيادت جي عدم موجودگي جنگ بندي جي حوالي سان ڪنهن اهم اڳڀرائي جي اميدن کي گهٽائي ڇڏيو آهي.