اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ انهي جذبي تحت ڀارت سان جنگبندي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، پاڪستان مستقبل ۾ ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمهوريه آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ڏکڻ ايشيا ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان سان اڻٿڪ يڪجهتي ۽ حمايت تي صدر الهام عليوف سان گڏوگڏ آذربائيجان جي ڀائر عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته اها ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار دوستي جي عڪاسي آهي. ”آپريشن بُنيانِ مرصوص“ جي ڪاميابي تي پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج کي دل جي گهرائين سان ساراهيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام ان تاريخي فتح تي الله تعاليٰ جي شڪرگذار آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ انهي جذبي تحت ڀارت سان جنگبندي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان مستقبل ۾ ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ، پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ تيار آهي. پاڪستان آذربائيجان لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم ٻطرفي تعاون ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته صدر الهام عليوف جو گذريل جولاءِ ۾ پاڪستان جو تاريخي دورو، معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. فيبروري 2025ع ۾ پنهنجي باڪو جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ڀائراڻي لاڳاپن کي گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پاڪستان جي مضبوط خواهش جو ورجاءُ ڪيو. سفير خضر فرهادوف وزيراعظم ۽ پوري پاڪستاني قوم کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏني. هن ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته صدر الهام عليوف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراني لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ صحيحون ٿيل مفاهمت تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي بابت ڳالهائيندي هن وزيراعظم کي ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل عزم جو يقين ڏياريو.