اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ تازي بحران دوران قوم جي شاندار خدمت تي انهن کي ساراهيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جو اصولي موقف دنيا آڏو موثر انداز ۾ پيش ڪرڻ تي آفيسرن جي پيشيواراڻي صلاحيت، عزم ۽ اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. هن انهي جوش ۽ جذبي، عزم ۽ انڪساري سان قوم جي خدمت جاري رکڻ جي لاءِ آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي.