پسرور – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معرڪه حق دوران آپريشن ”بُنيانِ مرصوص“ جي فرنٽ لائين پسرور ڇانوڻي سيالڪوٽ جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عرڪه حق دوران آپريشن ”بُنيانِ مرصوص“ ۾ شريڪ آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي. بيان موجب وزيراعظم ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات جي لاءِ ايئر بيسز ۽ نيول بيسز جو پڻ دورو ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، آرمي چيف جنرل سيد عاصممنير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو، وفاقي وزير احسن اقبال، عطاءُ الله تارڙ، آرمي ڪور ڪمانڊر سيالڪوٽ ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت وزيراعظم جي دوري ۾ ساڻس گڏ هئي.