اسلام آباد -14 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي مشهور آمريڪي واپاري ڊاڪٽر انوش احمد چيو آهي ته پاڪستان جي هٿيار بند فوج ڀارتي جارحيت جو پيشيوراڻي انداز ۾ ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو آهي. ملڪ جي دفاع لاءِ هن آپريشنل ڪارڪردگي ۽ اڻٽٽ عزم جي تعريف ڪندي چيو ته اهو دنيا لاءِ هڪ واضع پيغام آهي ته پاڪستان پنهنجي سلامتي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهي. اي پي پي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر انوش احمد هٿيار بند فوج جي بهادري، همت، نظم و ضبط ۽ اثرائتي رد عمل کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هٿيار بند فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيوآهي ته پاڪستان متحد آهي ۽ پنهنجي علائقائي سلامتي جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي . هن واضع ڪيو ته پاڪستان اشتعال انگيزي جي صورت ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجي عزم کي برقرار رکندي هميشه تحمل جو مظاهرو ڪيو. هن عوام جي پنهنجي دفاع جي حق لاءِ حمايت ۽ مسلسل جارحيت باوجود ان جي حوصلي ۽ ثابت قدمي کي ساراهيو. ڊاڪٽر انوش احمد عالمي طاقتن تي زور ڀريو آهي ته اهي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڊگهي عرصي جي جاري ناانصافين ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو خاتمو ڪرائين جيڪي پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرار جو بنيادي سبب آهن .هن زور ڀريو ته ڪنهن به منصفاڻي ۽پائيدار حل ۾ ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ وقار جو احترام لازم آهي. هن تحمل ۽ برداشت تي زور ڀريندي چيو ته مان ان ڳالهه تي پختو يقين رکان ٿو ته جنگ ڪڏهن به ڪنهن مسئلي جو حل ناهي هوندو . امن طاقت سان ناهي پر انصاف، گڏيل احترام ۽ علائقائي هم آهنگي لاءِ سنجيدگي جي بنياد تي قائم ٿي سگهي ٿو . ڊاڪٽر انوش احمد چيو ته ڀارت مسلسل جارحيت ۽ اشتعال انگيزي جاري رکي آهي. سندس چوڻ هو ته هر غلط قدم اسان کي گهڻو پوئتي ڌڪي سگهي ٿو. علائقائي امن رڳو خواهش ناهي پر اهو انتهائي ضروري آهي. تاريخ ثابت ڪيو آهي ته تڪرار سان مشڪلات ۽ تڪليف ئي پيدا ٿيندي آهي. اهو تاريخ مان سکڻ جو وقت آهي. هن چيو ته اچو ته اسان نفرت جي ميراث ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل نه ڪيون ، اچو ته ڏکڻ ايشيا جي تعمير ڪيون جتي تڪرارن بدران سهڪار ۽ امن هجي . سندس چوڻ هو ته حقيقي ترقي جو دارومدار امن تي آهي، امن کانسواءِ خوشحالي جو خواب ڀورا ڀورا ٿي ويندو آهي.