رياض – 14 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي درخواست تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شام تي لاڳو ڪيل آمريڪي پابنديون هٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهو اهم فيصلو ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان صلاح مشوري کان پوءِ ڪيو آهي. هي فيصلو شام جي عوام کي هڪ نئين اميد ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. هن شام جي عوام سان سڌيءَ ريت خطاب ڪندي چيو ته “اسان کي پنهنجي مستقبل لاءِ ڪجهه خاص ڏيکاريو.” هن چيو ته آمريڪا شام سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ پهريون قدم کنيو آهي، جيڪو ڊگهي عرصي کان بدترين صورتحال مان گذري رهيو آهي. هن اهو به اعلان ڪيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جلد شام جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته شام ۾ هڪ نئين حڪومت قائم ٿي چڪي آهي جيڪا مستحڪم ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته اها ڪامياب ٿيندي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي علائقائي ترجمان ساموئل ور برگ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته صدر ٽرمپ شام تي پابنديون هٽائڻ بابت سنجيده آهي. هن چيو ته شام جي قيادت پاران هيستائين کنيل قدمن آمريڪا کي مثبت اشارا ڏنا آهن. ساموئل ور برگ موجب، شام جو عوام هاڻي عالمي اڪيلائپ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جو هڪ تاريخي موقعو سندن وٽ موجود آهي، خاص طور تي بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي ۽ ايران جي اثر جي زوال کان پوءِ شام جي عوام وٽ پنهنجي صورتحال کي تبديل ڪرڻ جو موقعو آهي.