لنڊن – 14 مئي (اي پي پي) انساني حقن لاءِ ڪم ڪندر ادارن جي گروپ برطانوي حڪومت تي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي مٿس ڪيس داخل ڪرايو آهي. سندن چوڻ آهي ته برطانيه جارح اسرائيلي جهازن کي پرزن جي فراهمي ڪري رهيو آهي جيڪا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گروپ طرفان غزه جنگ جي ڏينهن ۾ اسرائيل کي جنگي جهازن جي پرزن جي فراهمي کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي. فلسطين جي تنظيم الحق کي ايمنسٽي، هيومن رائيٽس واچ ۽ آڪسفيم سميت ٻين ادارن طرفان حمايت حاصل آهي هو چاهين ٿا ته برطانوي حڪومت اسرائيلي جهازن لاءِ پرزن جي فراهمي بند ڪري جن کي اسرائيل غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ تباهي لاءِ آمريڪا جا جهاز استعمال ڪيا. ايمنسٽي يوڪي جي سربراهه جو چوڻ آهي ته برطانيه اسرائيل کي اهم پرزن جي روانگي واپار جي اجازت ڏئي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ پنهنجي قومي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اهڙي طرح آڪسفيم جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جهازن ۾ ٻارڻ ڀرڻ ، ليزر ٽارگيٽنگ سسٽم، ٽائرن، ريئر فوسليج ۽ سيٽ اجيڪٽنگ سسٽم برطانيه جا ٺهيل آهن. آڪسفيم ۽ الحق تنظيم جي حمايت ڪندڙ وڪيلن مطابق برطانيه جي ٺاهيل پرزن جي مسلسل فراهمي کانسواءِ اسرائيلي جهاز پنهنجي اڏام جاري نٿا رکي سگهن. رپورٽ مطابق ڊگهو عرصو جاري ڪيس جو تازو مرحلو اهو آهي ته لنڊن هاءِڪورٽ ۾ ڪيس جي 4 ڏينهن تائين ٻڌڻي ٿي چڪي آهي ۽ واضع ناهي ٿيو ته ان ڪيس جو فيصلو ڪيسيتائين سامهون ايندو . گلوبل ليگل نيٽ ورڪ جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته سندن طرفان 7 آڪٽوبر 2023ع تي اسرائيلي حملن بعد ڪيس داخل ڪيو ويو هو.