ڪيف – 14 مئي (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي زور ڀريندي چيو آهي ته هو روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان سڌيءَ ريت ملاقات ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته جنگ بندي جي ڪا به سنجيده ڪوشش صرف پيوٽن سان ڳالهين ذريعي ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته رڳو هو ئي ان تي عمل در آمد جو اختيار رکي ٿو . ڪيف ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي زيلنسڪي چيو ته “جيڪڏهن جنگ بندي ٿيڻي آهي ته رڳو روس جو صدر ئي ڪري سگهي ٿو.” هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڃا تائين اجلاس ۾ شرڪت جي تصديق نه ڪئي آهي. يوڪرين جي صدر کي اميد آهي ته جيڪڏهن روس ڳالهين ۾ سنجيدگي نه ڏيکاري ته آمريڪا ۽ يورپي يونين ان تي سخت پابنديون لاڳو ڪندا، خاص طور تي جيڪڏهن استنبول ۾ شيڊول ٿيل ڳالهيون نه ٿيون ته پوءِ روس بابت آمريڪا جي پاليسي بدلجي سگهي ٿي.