روم-14 مئي (اي پي پي) نيڌر لينڊز جي سائيڪلسٽ ڪيسپر وين اڊن گيرو ڊي اٽليا سائيڪل ريس جو چوٿون مرحلو کٽي ورتو آهي. البانيه مان گيرو ڊي اٽاليه جو 108 هون ايڊيشن شروع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ سائيڪلنگ جي دنيا جا مشهور سائيڪل سوار مقابلو ڪري رهيا آهن. گيرو ڊي اٽاليا جي چوٿين مرحلي ۾ سائيڪل سوارن کي البروبيلو کان ليسي تائين جو فاصلو پورو ڪرڻو هو، جيڪو سڌي رستي تي 189 ڪلوميٽرن تي ٻڌل هو. 23 سالن جي نيڌرلينڊز جي سائيڪل سوار ڪيسپر وين اڊن شاندار سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي، 189 ڪلوميٽرن جو فاصلو 4 ڪلاڪ، 2 منٽ ۽ 21 سيڪنڊن ۾ طئي ڪندي چوٿين مرحلي ۾ پهرين نمبر تي رهيو. نيڌرلينڊ جي سائيڪل سوار اولاو ڪويج ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته نيڌرلينڊز جي ئي سائيڪل سوار ميڪل زجلارڊ ٽئين نمبر تي رهيو. گيرو ڊي اٽاليا هڪ گرينڊ ٽور سائيڪلنگ اسٽيج ريس آهي جيڪا ٽن هفتن ۾ مڪمل ٿيندي جنهن ۾ دنيا جا مشهور سائيڪل سوار شريڪ آهن . گيرو ڊي اٽاليا سائيڪلنگ ريس 21 مرحلن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ سائيڪل سوار 3,443.3 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪندا. گيرو ڊي اٽاليه سائيڪلنگ ريس ۾ 23 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ مقابلو ڪري رهيون آهن. گيرو ڊي اٽاليه سائيڪلنگ ريس 23 ڏينهن جاري رهڻ کان پوءِ پهرين جون تي ختم ٿيندي.