اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي، جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو سان گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب ملاقات دوران چيف جسٽس معزز مهمان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ترڪ عدليه طرفان ترڪيه جي هاڻوڪي سرڪاري دؤري ۾ غير معمولي مهمان نوازي تي سندس دل سان شڪريو ادا ڪيو. چيف جسٽس، جمهوريه ترڪيه جي آئيني عدالت جي 63هين سالگره جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ترڪيه ويو هو. چيف جسٽس پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ پُراڻن ۽ خوشگوار عدالتي ناتن تي روشني وڌي جيڪي گڏيل احترام، گڏيل قانوني روايتن ۽ گهرن ثقافتي رشن سان جڙيل آهن. هن سکڻ جي گڏيل عمل ۽ عدالتي بهترين طريقن جي مٽاسٽا جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيف جسٽس جي ضلعي عدليه جي شموليت لاءِ تعاون جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته عدالتي انتظام ۾ ترڪيه جي اڳڀرائي، عدالتي عمل جي ڊجيٽلائزيشن ۽ عدليه ۾ مصنوعي ذهانت جو لاڳو ٿيڻ هر سطح تي عدالتي آفيسرن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ملاقات جي پڄاڻي اداري جاتي مصروفيتن ۽ علم جي مٽاسٽا جي قدمن ذريعي ٻنهي ملڪن جي عدليه وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ سان گڏ ٿيو.