اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات جي اعليٰ سطح جي هڪ وفد پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت مسابقتي معاملن ۽ علمي مٽاسٽا وارو نائب وزير عبدالله ناصر لوطه ڪري رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي ڀائراڻي لاڳاپن جي مثبت انداز کي ساراهيندي هن گورننس، اداراجاتي ترقي ۽ پبلڪ سيڪٽر جي اختراع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.