اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ 2 مختلف ڪاررواين دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جا 5 دهشتگرد جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪامياب ڪاررائي دوران 5 خوارج مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيندي ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.