اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن عامر طلال گوپانگ، ملڪ ابرار احمد، جمال شاهه ڪاڪڙ ۽ آغا رفيع الله جدا جدا ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي مشڪل حالتن ۾ هڪ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي منظوري جي حوالي سان پنهنجي تائيد ۽ حمايت جو يقين ڏياريو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبرن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ معاشي ۽ دفاعي طور تي مضبوط ٿيو. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.