سرينگر-14 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو سرينگر سميت مختلف علائقن ۾ گهرن تي ڇاپن، چڙهائي ۽ سرچ آپريشن جو سلسلو جاري آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج جي اهلڪارن وادي جي مختلف علائقن ۾ پُرتشدد ڪاررواين دوران گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن کي هراسان ڪيو ۽ تشدد جو نشانو بڻايو. جڏهن ته ڪيترن ئي بيگناهه نوجوانن کي گرفتار ڪيو ۽ ملڪيتن جا ڪاغذ، موبائيل فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيا ڊجيٽل اوزار ضبط ڪيا. رپورٽن موجب ڀارتي فورسز جي اهلڪارن سرچ آپريشن دوران گهريلو سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ قيمتي شين جي ڦرلٽ ڪئي.